ايڇ ڊبليو پريڊي

ايڇ. ڊبليو پريڊي (H.W Preedy): ڪئپٽن ايڇ. ڊبليو پريڊي، ڪراچيءَ جو پھريون ڪليڪٽر هو. 1843ع ۾ سر چارلس نيپير سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ سنڌ کي ٽِن ڪليڪٽوريٽ (ضلعن) ۾ ورهايو. شڪارپور ۾ گولڊني، حيدرآباد ۾ رئٿبورن ۽ ڪراچيءَ ۾ ايڇ. ڊبليو. پريڊي کي ڪليڪٽر مقرر ڪيو. هيءُ ڪراچيءَ ۾ 1847ع کان اپريل 1857ع تائين 10 سال ڪليڪٽر رهيو. هي اهو دؤر آهي، جڏهن سنڌ جو پھريون ڪمشنر پرنگل مقرر ٿيو، بعد ۾ سر بارٽل فريئر جي ايامڪاريءَ ۾ ڪليڪٽر پريڊي ڪراچيءَ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ مثالي خدمتون ۽ ڪارناما انجام ڏنا. انھيءَ جي ثابتي ان ڳالهه مان ملي ٿي ته سندس بدلي ٿيڻ کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ پريڊي اسٽريٽ، پريڊي روڊ، پريڊي ٿاڻو ۽ پريڊي ڪوارٽرز نالي چار يادگار قائم ٿيا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو